خالد کوکر

خالد کوکر

خالد کوکر

خالد کوکر: ناليوارو صحافي خالد کوکر ولد محمد عيسٰي کوکر، 26 جون 1965ع تي دادو تعلقي جي ڳوٺ باداڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ کان پوءِ هن ۾ لکڻ جو چاهه جاڳيو. گريجوئيشن 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. سندس پهرين ڪهاڻي 1982ع ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپي، ۽ ائين روزاني عبرت ۾ لکڻ شروع ڪيائين ۽ اڳتي هلي عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي اداري ۾ پـروف ريـڊر طـور صـحـافـت جو آغاز ڪيائين، جتي 1985ع ۾ سب ايڊيٽر ٿيو. بعد ۾ 1986ع کان 1987ع تائين ٻه سال مهراڻ اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ اخبار جي ’مهراڻ‘ مئگزين جو ايڊيٽر ٿيو. ان بعد روزاني ’آفتاب‘ جو ڪراچيءَ ۾ رپورٽر ۽ روزاني عبرت جو بيورو چيف ٿيو، 1994ع کان 1997ع تائين روزاني ’برسات‘ جو ايسوسيئيٽ ايڊيٽر رهيو. 1998ع ۾ روزاني ’سچ‘ حيدرآباد مان نڪتي ته ان جو پهرين اعزازي ايڊيٽر ۽ پوءِ 1999ع کان ٻن سالن تائين ايڊيٽر ٿيو. 2000ع کان هن وقت تائين روزاني ’سنڌو‘ اخبار جو ايڊيٽر آهي، جنهن دوران بند پيل ’سنڌو ڊائجسٽ‘ جي ٻيهر اشاعت شروع ڪيائين. 2002ع کان ساڳيءَ ڊائجسٽ جو ايڊيٽر به آهي.
خالد کوکر 07-2006ع دوارن سنڌ ٽي وي جو ڊائريڪٽر نيوز ۽ ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرس به رهيو، جنهن دوران ڪيترن ئي اهم سياستدانن جا انٽرويو به ڪيائين. خالد کوکر سرگرم ۽ باصلاحيت صحافي هئڻ ڪري پريس ڪلب حيدرآباد جي ڪيترن عهدن تي رهيو، جهڙوڪ: 1987ع کان اسسٽنٽ سيڪريٽري، وقتي سيڪريٽري، ثقافتي سيڪريٽري ۽ خزانچي رهيو. 2000ع ۾ پريس ڪلب جو نائب صدر رهيو، 2006ع ۾ خزانچي ٿيو ۽ 2007ع ۾ صدر ٿيو. ساڳئي سال کان کان گورننگ باڊيءَ جو ميمبر رهندو پيو اچي. خالد کوکر ڪائونسل آف آل پاڪستان نيوزپيپرس سوسائٽيءَ (سي. پي. اين. اِي) جو 2002ع کان ميمبر ۽ سارڪ ملڪن جي صحافين جي تنظيم ’سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسيئيشن‘ (سيفما) جي سنڌ چيمبر جو 2004ع کان ميمبر رهيو آهي. خالد کوکر جڏهن پريس ڪلب جي ثقافتي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هو ته هن جي سهڪار سان سنڌي ادبي سنگت جي انُ وقت جي مرڪزي عهديدارن تاج جويي ۽ اياز گل پريس ڪلب ۾ شيخ اياز جي صدارت ۾ ’سنڌ جي اديب جو قومي ڪردار‘ عنوان تي ڪانفرنس ڪرائي ۽ ٿر جي مشهور راڳي موهن ڀڳت سان رهاڻ رچائي. خالد کوکر شهيد بينظير ڀٽو پاران جلاوطني ختم ڪرڻ وقت دبئيءَ گهرايل صحافين جي وفد ۾ به شامل هو ۽ هُو شهيد بينظير ڀٽو سان گڏ جهاز ۾ ڪراچيءَ پهتو. هو ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي گڏجاڻين ۾ شرڪت کان سواءِ لنڊن، ٿائيلينڊ، فرانس، سعودي عرب، دبئي، انڊيا ۽ ڪيترن ملڪن جا صحافتي دورا ڪري چڪو آهي. هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


لفظ خالد کوکرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.06.26  عيسوي

ناليوارو صحافي خالد کوکر ولد محمد عيسٰي کوکر، 26 جون 1965ع تي دادو تعلقي جي ڳوٺ باداڻيءَ ۾ پيدا ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شان ڏهر
سيد سردار علي شاهه ذاڪر
الهه بچايو جمالي
صلاح الدين مولانا
سهيل سانگي
پروانونور محمد
ارشد شريف
جعفر ميمڻ
ڏيپلائي محمد عثمان
آر بي سارنگ
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون